خواجه شمس الدين

خواجه شمس الدين: مشهور اديب، شاعر ۽ صحافي شمس الدين خواجه انگريزي، عربي، فارسي ٻولين ۾ مهارت رکندو هو. هن سڄي زندگي معاشرتي ناانصافين خلاف لکيو. شمس الحق خواجه جا وڏا راجپوت هئا، جن پوءِ اسماعيلي مسلڪ اختيار ڪيو. خواجه صاحب حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ’بانگ درا‘ جاري ڪئي، جنهن ۾ وڏن زميندارن، ڪامورن ۽ حڪومتي سربراهن جا پول پڌرا ڪندو هو، جنهن تان ناراض ٿي وقت جي حڪومت اخبار تي بندش وجھي کيس حيدرآباد جيل موڪليو ويو. حيدرآباد مان ’الحبيب‘ نالي اخبار خواجه صاحب جو دوست غلام علي ڪڍندو هو. آزاد ٿيڻ بعد هن اها اخبار خواجه صاحب جي حوالي ڪئي. اڳتي هلي حڪومت اُن اخبار جو به ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏيو. انکان پوءِ کيس مشرقي پاڪستان موڪليو ويو، هن ٽن ٻولين: ’سنڌي‘، ’اردو‘ ۽ ’بنگالي‘ ۾ ’بانگ درا‘ اخبار جاري ڪئي. هن ڍاڪا ۾ رهي قلمي جهاد ڪيو ۽ بنگالي عوام جي خدمت ڪئي، اڳتي هلي سندس سرگرمين کي ناپسنديده قرار ڏئي کيس واپس سنڌ موڪليو ويو. خواجه صاحب ’نهج البلاغه‘ جو ترجمو ڪيو. مسلسل محنت ڪرڻ ڪري بيمار رهڻ لڳو ۽ 21 اپريل 1941ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ خواجه شمس الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو